سپريم ڪورٽ کي بچائڻو آهي ته ڪارڪن روڊن تي اچڻ لاءِ تيار رهن: عمران خان

اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته قطري شهزادو پاڪستان نه پيو اچي، نواز شريف جي موجودگي ۾ جي آءِ ٽي آزاداڻي نموني ڪم نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي بڻائي ته انهن مٺايون ورهايون، نهال هاشمي ڌمڪيون ڏنيون، انهن رڳو ڊرامو ڪيو، هاڻي هي جي آءِ ٽي تي آڱريون ئي نه پيا کڻن پر بدنام ڪري رهيا آهن، عمران خان چيو ته وڏن چورن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي ملڪ بدحال ٿي ويو، جي آءِ ٽي کي ايئن ئي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته شفاف جاچ ڪيئن ٿيندي؟، جي آءِ ٽي پاڻ چيو ته اسان جي رستي ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، هن چيو ته شيخ رشيد سان گڏ جيڪو ٿيو ان جي سخت مذمت ڪريان ٿو، شيخ رشيد تي حملو مخالفن ڪرايو، هاڻي اسان سپريم ڪورٽ سان گڏ بيهنداسين، قوم روڊن تي ايندي، سپريم ڪورٽ کي بچائڻو آهي ته ڪارڪن روڊن تي اچڻ لاءِ تيار رهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *