غير قانوني ڀرتين جو ڪيس هائي ڪورٽ نيب تي ڏمرجي پئي

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهر الحق جي دور ۾ غيرقانوني ڀرتين جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران انڪوائري مڪمل نهڪرڻ تي چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ نيب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جمعي تي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق جي خلاف غير قانوني ڀرتين ڪيس جي ٻڌڻي ٿي انهيءَ دوران چيف جسٽس ريماڪس ڏيندي چيو ته ٽن سالن کان انڪوائري هلي رهي آهي، ريفرنس داخل نه ڪرڻو آهي ته ڪيس بند ڪري ڇڏيو، ڇا نيب کي هڪ ئي انڪوائري لاءِ 10 سال گھرجن؟ چيف جسٽس چيو ته نيب جي جاچ آفيسر کي جاچ ڪرڻ ئي نه ٿي اچي، عدالت پير مظهر الحق ۽ ٻين جي خلاف 15 جولائي تائين ريفرنس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *