اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ جي ميمبرن عوامي اهميت جي مختلف معاملن تي ڳالهائيندي چيو آهي ته اين ايف سي جي تحت سنڌ کي 68 ارب روپيا گھٽ ڏنا ويا ايوان نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪري، جمعي تي اجلاس دوران عوامي اهميت جي معاملي تي ڳالهائيندي پ پ پ جي سينيٽر تاج حيدر چيو اين ايف سي جي تحت سنڌ کي 68 ارب روپيا گھٽ ڏنا ويا ايوان ان جو نوٽِيس وٺي، هڪ صوبي پنهنجو ناڻي واري وزارت ۾ آفيسر ويهاري رکيو آهي ۽ پنهنجو حصو پهريان ئي کڻي وٺي ٿو، سيد طاهر حسين مشهدي چيو ته اميد آهي ته ان جو نوٽيس ورتو ويندو ۽ صوبن جي حقن تي ڌيان ڏنو ويندو، سينيٽر اورنگزيب چيو ته حق وٺڻ جو اهو ڪهڙو طريقو آهي جيڪو شيخ رشيد جي معاملي ۾ اختيار ڪيو ويو ان واقعي جي مّذمت ڪئي وڃي ان سان ٻين ماڻهن کي به طريقو ٻڌايو ويو آهي ته وڃو پارليامينٽ وڃ ميمبرن کي پڪڙيو، سينيٽر ستارا اياز چيو ته يونيورسٽين جي نالن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽين جي نالن قومي هيروز جي نالي تي رکياوڃن، مشال خان جي قتل کان پوءِ اهو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، سينيٽر سسئي پليجو چيو ته صوبا ڪڏهن به پنهنجي مالي حقن کان هٿ نه کڻندا، 57 ماڻهن بجيٽ جي تقرير ڪئي آهي، ڪيترن ئي ميمبرن جي اين ايف سي جي حوالي ناڻي واري وزير جي بيان تي احتجاج ڪيو آهي، ننڍن صوبن سان دشمني جو رويو نه رکيو وڃي، سينيٽر ثمينا عابد چيو اسلام آباد پاڻي اڻ لڀ ٿي ويو آهي، ٽي ٽي ڏينهن پاڻي نه اچي رهيو آهي، سينيٽر سيف چيو آهي ته هر حڪومت کي انسان حقن جي اشوءَ کان الرجي ٿئي ٿي، موجوده حڪومت انساني حقن لاءِ آزاداڻا ڪميشن قائم ڪري ان ڪميشن کي پارليامينٽ جي اڳيان جوابده هجڻ گھرجي . سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته قومي هيروز اهي هجڻ گھرجن جن قوم جي خدمت ڪئي آهي. پ پ پ جي سينيٽر سحر ڪامران چيو ته بلاول هائوس ميڊيا سيل جي ويب سائيٽ هيڪ ٿئي وئي آهي، اها انڊين هيڪرز ڪئي آهي. ڇو ته اسان ڪشمير جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاري رهيا آهيون پهريان به ائين ٿي رهيو آهي، سائبر سيڪيورٽي جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ايف آئي اي سوشل ميڊيا تي پابندي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، فوج ان مقصد جي لاءِ ايف آئي اي جي مدد جي ضرورت نه آهي. سينئر صحافين جا فون ٽيپ ڪيا پيا وڃن 41 پابندي مڙهيل تنظيمن جا اڪائونٽس سوشل ميڊيا تي تنگ ڪري رهيا آهن انهن کي روڪيو نه ٿو وڃي. انکانپوءِ سينيٽ جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.