12 سالن کانپوءِ پاڪستان شنهگائي سهڪار تنظيم جو مستقل ميمبر  بڻجي ويو

آستانه (م ڊ) پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جو مستقل ميمبر بڻجي ويو. 12 سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ آخرڪار پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جو مستقل ميمبر بڻجي ويو آهي. علائقائي سهڪار جي اهڙي تنظيم جي فورم جي قيادت روس ۽ چين ڪري رهيا آهن. پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي هر اجلاس ۾ پاڪستان مبصر  طور شرڪت ڪندو هو پر هاڻي پاڪستان ميمبر ملڪن جي گڏيل راءِ سان مستقل ميمبر ٿي ويو آهي. قازقستان جي گادي واري هنڌ آستانه ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي پڌرنامي تي صحيحن جي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي مستقل ميمبر ٿيڻ جي حوالي سان پڌرنامو جاري ڪيو  ويو جنهن تي سمورن ميمبر ملڪن صحيحون ڪري ڇڏيون. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ وزيراعظم نواز شريف ۾ ايس سي او جي ميمبرشپ ملڻ تي مبارڪن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته افغانستان جي صدر اشرف غني به پاڪستان جي وزيراعظم کي ميمبرشپ ملڻ تي واڌايون پيش ڪيون. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اڄ پاڪستان لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، پاڪستان اڄ مستقل ميمبر بڻجي ويو آهي، مستقل ميمبرشپ لاءِ تنظيم ۾ شامل حمايت ڪندڙ ملڪن جا ٿورائتا آهن، پاڪستان تنظيم جي چارٽر ۽ شنگهائي اسپريٽ تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جا ميمبر ملڪ سٺي پاڙيسري جو پنجن سالن وارو ٺاهه به ڪن، سڀني کي اڳتي وڌڻو آهي ۽ دهشتگردي ۽ غربت جو خاتمو ڪرڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *