اسلام آباد( بيورو) وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز پنجون ڀيرو جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو . فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ واجد ضياءَ جي صدارت هيٺ پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيو. جي آءِ ٽي جي اجلاس جي موقعي تي حفاظتي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو . فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ عام ماڻهن جي داخلا پڻ بند رهي. حسين نواز جي پيشي جي موقعي تي مسلم ليگ ن ڪارڪنن جو وڏو انگ سندس حق ۾ نعريبازي ڪندو رهيو. حسين نواز پهريون ڀيرو 2 مئي، ٻيو ڀيرو 8 مئي، ٽيون ڀيرو پهرين جون ۽ چوٿون ڀيرو 3 جون تي گڏيل جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿي چڪو آهي. بيان قلمبند ڪرائڻ کانپوءِ جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حسين نواز چيو ته سندس خلاف ڪو به ثبوت نه آهي، هوندو ته پيش ٿيندو، جن تصوير ليڪ ڪئي ان جا مقصد به اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، ڪا به حڪومت ۽ عدالت شڪ جي بنياد تي ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پرويز مشرف دور ۾ به اسان جو احتساب ٿيو پر ڪجهه نه نڪتو. حسين نواز چيو ته شاهدين تي ڪارروائي ٿئي ٿي ته ڀلي ٿي، شڪ شبها اٿارڻ شيطاني ڪم آهي. هن چيو ته انسان کي پنهنجي ذات تي به شڪ شبها ٿي پوندا آهن. حسين نواز چيو ته مسلم ليگ ن ڪارڪن ساڻس محبت جي اظهار لاءِ جوڊيشل اڪيڊمي پهتا آهن. هن چيو ته سندس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو ڪو به ارادو ناهي، هو پنجون ڀيرو جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيو، جيڪڏهن کيس طلب ڪيو ويو ته ور پيش ٿيندو. سندس چوڻ هو ته لڳي ٿو ته جي آءِ ٽي هاڻي کيس ٻيهر طلب نه ڪندي، اڃا کيس ٻيهر پيشيءَ جو نوٽيس نه مليو آهي. حسين نواز چيو ته پڇا ڳاڇا مان کيس نه پر جي آءِ ٽي کي مطمئن ٿيڻ جي ضرورت آهي.