وفاقي حڪومت پاران ساليانه بجيٽ ۾ صوبي کي 68 ارب روپيه گھٽ مليا آهن؛وڏو وزير

ٺٽو (ڊ ر) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران ساليانه بجيٽ ۾ صوبي کي 68 ارب روپيه گھٽ مليا آهن ۽ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ 108 ارب روپيه صوبي سنڌ کي ملڻا آهن. هن چيو ته آئون اُميد ٿو ڪريان ته وفاق پاران سنڌ صوبي کي بجيٽ مان رهيل رقم جلد جاري ڪئي ويندي ۽ ان تي سنڌ صوبي جي غريب عوام جو حق آهي ۽ اها رقم صوبي جي غريب عوام تي خرچ ڪرڻي آهي. هن چيو ته وزير اعظم پاران روز ڪنهن نه ڪنهن پاور پلانٽ جي افتتاح جون ڳالهيون ٻڌندا پيا اچون پر وفاقي حڪومت اڃان تائين بجلي جي بحران تي ضابطو آڻي نه سگھي آهي ڇاڪاڻ ته انهن افتتاحن جو عام ماڻهو کي ڪوبه فائدو نه رسيو آهي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن اڄ پ پ اڳواڻ پير رحماني جيلاني جي والد ۽ جماعت قادري جيلاني جي سربراه پير غلام جيلاني جي وفات تي ساڻس تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وفاقي حڪومت پاران هر روز پاور پلانٽس جي افتتاح وارين ڳالهين سان عوام کي ڪوبه فائدو نه رسيو آهي ڇاڪاڻ ته بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ بابت سندن دعوائون غلط آهن يا وري سندن وفاقي وزير خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ ڄاڻي واڻي بجلي بحران پيدا ڪري صوبي جي عوام سان زيادتي ڪري رهيا آهن. وزير اعليٰ سنڌ چيو ته سي پيڪ منصوبي تحت هن وقت جيڪي ونڊ پاور پلانٽس ڪم ڪري رهيا آهن اهي ٽئي ونڊ پاور پلانٽس ٺٽي ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ آهن ۽ ٿرپارڪر ۾ پڻ سي پيڪ منصوبي جي ڪجھ پروجيڪٽس تي ڪم هلي رهيو آهي البته سنڌ صوبي کي انفراسٽرڪچر ۽ روڊز جا گھٽ منصوبا مليا آهن انهيءَ بابت وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وفاقي وزير اسحاق ڊار کي پڻ خط لکيا ويا آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻين منصوبن ۾ ڪيٽي بندر کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي جنهن سان هن ضلعي ۽ ڪيٽي بندر کي وڏي اهميت حاصل ٿيندي ۽ هتان جي عوام کي وڌ ۾ وڌ فائدو ٿيندو. صحافي جي هڪ سوال جي جواب ۾ وزير اعليٰ سنڌ ٻڌايو ته شروع واري سيزن ۾ سنڌ صوبي کي پاڻي گھٽ مليو جنهن سان پوکي ۽ فصل سخت متاثر ٿيا ۽ سنڌ جي ماڻهن کي نقصان رسيو آهي ان بابت پڻ هو ڪوشش ڪري بهتر طريقي سان پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي حل ڪرائندو ۽ صوبي جو پاڻي جو مقرر حصو وٺڻ لاءِ ڪوشان آهي. ان کان اڳ وزير اعليٰ سنڌ سند مراد علي شاه سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سند ناصر حسين شاه، امداد پتافي، فياض ٻٽ ۽ ٻين پاران پ پ اڳواڻ پير رحماني جيلاني سان سندس والد جي لاڏاڻي تي فاتح پڙهي ساڻن گھري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته پير غلام جيلاني علائقي جي معزز ۽ روحاني شخصيت هئي جنهن جا صوبي ۽ ملڪ ۾ ڪيترائي مريد موجود آهن سندس وفات تي هن علائقي ۾ تمام وڏو خلاء پيدا ٿي ويو آهي. هن دعا ڪئي الله تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئنرن کي صبر ۽ جميل جي توفيق عطا فرمائي.    

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *