آستانه( م ڊ ) پاڪستان نار جي ملڪن ۾ سياسي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم نواز شريف نور خان ايئر بيس راولپنڊي تان ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو. وزيراعظم جو پيٽروليم بابت صلاحڪار ڄام ڪمال، وزيراعظم جو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ خرم دستگير سميت قازقستان جو اعزاز قونصل جنرل ناصر جنجوعا به آستانه پهتا. آستانه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان نار جي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب، ايران ۽ قطر سان بهتر لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان سفارتي سطح تي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم پنهنجي قازقستان جي دوري دوران شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو. شنگهائي سهڪاري تنظيمن جي سربراهي اجلاس کانسواءِ قازقستان عالمي ايڪسپو 2017ع جي افتتاحي تقريب ۾ به شرڪت ڪندو.