مٽياري (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته نيب 50 ڪروڙن تي 50 لکن جي سوديبازي بند ڪري. مٽياري ۾ وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي انهن روڊن جو ئي ڪم ٿيندو آهي، جتان آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري گذرندا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن سان انتهاپسندي جو خطرو آهي، سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪري. سندس چوڻ هو ته قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان سنڌي ۽ بلوچ شاگردن کي بي دخل ناانصافي آهي.27