رمضان المبارڪ جا 11 روزا گذري ويا، مهانگائي تي ڪو ضابطو نه آيو، عوام آزار ۾
June 8, 2017 at 6:22 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) برڪتن واري مهيني جا 11 روزا مڪمل ٿي ويا پر مهانگائي تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته گهڻين ئي دانهن باوجود سرڪار مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا آهن. واپارين ميون، ڀاڄين توڙي عام واهپي جي ٻين شين جا اگهه ٽيڻا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ميوا ته پري جي ڳالهه پر غريبن لاءِ مهانگائي سبب دال کائڻ به ڏکي بڻجي وئي آهي.