ماضي وسارڻ گهرجي، لياري هاڻي پرامن علائقو بڻجي ويو آهي: گورنر محمد زبير

June 3, 2017 at 7:05 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ڏوهاري ٽولن جي حوالي سان مشهور لياري جو علائقو هاڻي پرامن بڻجي ويو آهي، ماضي کي وسارڻ گهرجي. بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي گورنر محمد زبير چيو ته لياري جي ماڻهن فٽبال ۽ باڪسنگ ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته لياري ڪراچيءَ جو قديم علائقو آهي جنهن تي کين فخر آهي، صوبائي حڪومت ۽ عوام گڏجي لياري کي صاف ڪندا. سندس چوڻ هو ته فٽبال ۽ باڪسنگ لياري جي سڃاڻپ آهي، علائقي ۾ فٽبال ۽ باڪسنگ کي بچائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. تقريب ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت 151 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا.

اي پيپر