ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي شهرن ۾ ميوو بائيڪاٽ مهم جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) رمضان شريف جي موقعي تي ميون جي واپاريءَ پاران ناجائز منافعي تي ڪراچي ۾ سوشل ميڊيا جي ذريعي شروع ٿيل تحريڪ جي تحت جمعي تي ٽن ڏينهن واري ميون جي بائڪاٽ واري مهم شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به ان مهم جي ڀرپور همايت ڪئي پئي وڃي، اين اين آئي پاران ڪيل سروي موجب صدر ۾ لڳندڙ ميون جي مارڪيٽ ۾ سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي حوالي سان اتي موجود ماڻهن جي رائي ورتي ته اتي موجود عوام ميون جي خريداري جي بائڪاٽ جي تائيد ڪئي آهي، تفصيل موجب رمضان شريف ۾ ميون جو آسمان کي ڇهندڙ اگھن کي عوام رد ڪندي ان جي خلاف سوشل ميڊيا مان شروع ٿيندڙ ميوو بائڪاٽ مهم جي ڀرپور همايت ڪئي آهي، جنهن جي تحت عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي ميوا نه خريد ڪن ته جيئن مهانگائي آسمان تي چاڙهيندڙ منافعي خورن کي سزا ملي سگھي، ڪراچي ۾ ڪمشنر ۽ صوبائي سڌ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه سماجي ۽ سياسي شخصيتن به ان مهم جي همايت ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ شهرين ميون جا اگھه گھٽائڻ لاءِ مهانگو فروٽ نه خريد ڪرڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي. ان موقعي تي هڪ عورت چيو ته يهودي ڀلا آهن انهن جو تهوار ايندو آهي ته شين جا اگھه اڌ ڪري ڇڏيندا آهن، اسلام جي نالي تي ٺهندڙ ملڪ ۾ مسلمانن کي ڪا به سهولت نه ٿي ڏني وڃي، هي ڪهڙو مسلمان ملڪ آهي، اتي بيٺل ٽريفڪ پوليس اهلڪار چيو ته اسان وٽ ايترا پئسا نه آهن ته ٻارڙن لاءِ فروٽ خريد ڪري سگھون.

Leave a Comment

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Scroll to Top