پ پ ميثاق جمهوريت جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، نهال هاشمي جو بيان قبول ناهي: سعد رفيق

اسلام آباد( بيورو ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته مخالف ڌر ايوان ۾ نعريبازي ڪري تقدس پائمال ڪيو، جڏهن ته پ پ ميثاق جمهوريت جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته سياسي جنگ عدالتن نه پر ايوان ۾ ٿيندي آهي. هن چيو ته صدر ممون حسين سياست نه ڪندو آهي، جڏهن ته آصف علي زرداري سياست به ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته حڪومت اپوزيشن ليڊر جي تقرير سڌو نشر ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر وري مطالبو سامهون اچي ويو ته ٻين اڳواڻن جون تقريرون به ڏيکاريون وڃن. خواجه سعد رفيق چيو ته پ پ جي دور ۾ ڪڏهن به مخالف ڌر اڳواڻ جي تقرير نه ڏيکاري وئي هئي. هن چيو ته عمران خان ۽ سندس پارٽي ايوان جو حصو ضرور آهن پر پارليامينٽ تي يقين نه ٿا رکن. سندس چوڻ هو ته نهال هاشمي جمهوريت لاءِ جنگ ڪئي آهي پر سندس بيان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، سياست ۾ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. سعد رفيق چيو ته کين افسوس آهي ته پ پ ۽ تحريڪ انصاف ايوان جو تقدس پائمال ڪيو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو جيستائين گاريون نه ڏين تيستائين کين ماني هضم نه ٿيندي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *