صدر ممنون حسين چئن سالن دوران عوامي مسئلن تي ڪجهه نه ڳالهايو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته صدر ممنون حسين چئن سالن دوران هڪ ڀيرو به قومي معاملن تي نه ڳالهايو جيڪو مذمت جوڳ عمل آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته هڪ سال کان رياست ۾ ڏڦيڙ پکڙيل آهي پر صدر ممنون حسين ڪڏهن به معاملي جو نوٽيس نه ورتو. هن چيو هت صدر چئن سالن دوران هڪ ڀيرو به پارليامينٽ ۾ يا پارليامينٽ کان ٻاهر  ڪنهن به قومي معاملي تي ڳالهيون نه ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته فاٽا جو معاملو جيڪو مڪمل طور صدر جي اختيار ۾ آهي پر هن ڪڏهن به اهڙي معاملي تي نه ڳالهايو آهي. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت پهريون پاڻ فاٽا جي مسئلي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي جڏهن معاملو پارليامينٽ آيو ته ان کي واپس وٺي فاٽا جي عوام سان مذاق ڪئي وئي. هن چيو ته حڪومت ان کان اڳ به ادارن جي معاملن ۾ مداخلت ڪندي رهي آهي، پهريون مشاهد الله خان پوءِ پرويز رشيد ۽ طارق فاطمي جا معاملا سندن سامهون آهن. نهال هاشمي جي بيان تي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کي ادارن کي جيڪا ڌمڪي ڏيڻي هئي ڏئي ڇڏي، حڪومت زمين تنگ ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي جيڪا ٿي وئي، هاڻي ڏيکارڻ لاءِ استعيفيٰ ورتي پئي وڃي، ماڻهو انڌا، منڊا، ۽ ٻوڙا نه آهن، هو اسان کان وڌيڪ سمجهدا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *