ايبٽ آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان نهال هاشمي جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آل شريف يا ته ضمير خريد ڪندا آهن يا وري ڊيڄاريندا آهن، سپريم ڪورٽ کي نهال هاشمي جي بنياد تي سخت ايڪشن وٺڻ گهرجي. گليات 75 ميگا واٽ جي هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نهال هاشمي اعليٰ عدالت ۽ جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏنيون، ن ليگ جي تاريخ آهي ته اهي ماڻهن کي خريد ڪندا آهن يا وري ڊيڄاريندا آهن، شرمناڪ ڌمڪيون ن ليگ جي سياسي ڪلچر جو حصو آهي.27