راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪابل ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ افغان عوام ۽ فورسز سان گڏ آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڌماڪي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ ٻين سفارتخانن کي نقصان پهچائڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ حملي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.