ڪراچي (اين اين آءِ) سال 2017-18 جي لاءِ سنڌ جي 970 ارب روپين کان وڌيڪ بجيٽ 5 جون تي پيش ڪئي ويندي. جڏهن ته بجيٽ جو گڏيل حجم 970 ارب روپين کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي، سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورن کاتن ۽ وزارتن کي سختي سان حڪم ڏنو آهي ته اليڪشن جي سال هجڻ سبب صرف اهڙن منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي جيڪي عوام کي نظر اچي سگھن، ان مقصد لاءِ عمارتن تعمير رفنيچر ۽ سامان جي خريداري سميت جئين ڊائريڪٽوريٽس جي قائم ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي آهي. مقامي آبپاشي ورڪس اينڊ سروسز جي کاتن مان انگ اکر نه ملڻ سبب بجيٽ جي تياري دير جو شڪار ٿي وئي. صوبائي بجيٽ کي ٻن ڏينهن ۾ آخري شڪم ڏني ويندي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته سمورن کاتن ۾خالي آسامين جي ڀرتي جو اعلان به ڪيو ويندو، بجيٽ جو خسارو 15 کان 17 ارب روپين تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ ۾ 16 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 1000 نيون اسڪيمون رکيون وينديون. صحت جي لاءِ بجيٽ ۾ 65 ارب روپيا، تعليم لاءِ 165 ارب روپيا، امن امان پوليس گھرو کاتي جي لاءِ گڏيل طور تي 88 ارب روپين جي رقم رکڻ جو امڪان آهي، جنهن مان 2.5 ارب پوليس گھرو کاتو ۽ جيل جي ترقياتي اسڪيمن تي خرچ ڪيا ويندا. اسڪول ايجوڪيشن جي لاءِ 10 ارب روپيا، ڪاليج جي ايجوڪيشن جي لا 5 ارب روپيا، اسٽيوٽا جي لاءِ هڪ ارب روپيا، اسپيشل ايجوڪيشن جي لاءِ 50 ڪروڙ، جڏهن ته يونيورسٽيز ۽ بورڊ جي لاءِ 3.5 ارب روپين جي رقم رکي ويندي. وڏي وزير جي خاص هدايت ۾ بجيٽ نمايان طور تي نظر ايندڙ منصوبن تي ڌيان ڏنو ويندو، اهڙن منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي جيڪي ڊسمبر 2017 تائين مڪملي ٿي ويندا. بجيٽ ۾ ڪراچي جي لاءِ پاڻي جي فراهمي جي وڏي منصوبي ڪي فور جي لاءِ 6 ارب روپيا رکيا ويا آهن، ۽ جڏهن ان منصوبي جي زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ به 5 ارب جدا رکيا ويا آهن، ايندڙ مالي سال ۾ تعليم کاتي 111 اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.