ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائيون ڪري مختلف ڏوهن ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس پي گلشن اقبال غلام مرتضيٰ ٻڌايو ته نيپا چورنگي ڀرسان سنيپ چيڪنگ دوران اسٽريٽ ڪرائي جي مختلف وارداتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن رضا ۽ محمد صادق کي گرفتار ڪيو ويو. غلام مرتضيٰ ٻڌايو ته چيڪنگ دوران جوابدارن وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. گوليمار چورنگي ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ ڦورو جوابدار کي گرفتار ڪري وٽائنس هٿيار ۽ ڦر ڪيل موبائيل فون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.