اسلام آباد (بيورو): پاڻي بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اهو سڄي ملڪ ۾ رمضان المبارڪ دوران سحري ۽ افطار ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ واري واعدي تي قائم آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻي بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف کي ٽيلي فون ڪيو ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پهرين رمضان تي ئي سحري وقت ٽرپنگ ۽ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون، ڪراچي ۾ پهرين رمضان کان ئي بجلي جو بدترين بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ پهرين سحري ۽ افطار جي وقتن ۾ بجليءَ کان علائقا محروم رهيا، سخت گرمي ۾ بجلي نه هئڻ سبب عوام سخت تڪليف کي منهن ڏنو، جڏهن ته بجلي جي ڊگهي بندش سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ به پيدا ٿي وئي آهي، خواجا آصف سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جو عوام لوڊشيڊنگ سبب تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي، اوهان سحري ۽ افطار ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن تي خواجا آصف چيو ته اهو پنهنجي واعدي تي قائم آهي، پاڻي بجلي وزارت جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ خواجا آصف حيدرآباد جي علائقن ۾ بجلي بند ٿيڻ تي عوام کان معذرت ڪئي، خواجا آصف ٻڌايو ته سسٽم ۾ خرابي تي وقت سر قدم کڻي خرابي ختم ڪئي وئي، سندس چوڻ هو ته حڪومت سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي رمضان ۾ بجلي فراهم ڪندي، ياد رهي ته وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ رمضان المبارڪ دوران سحري ۽ افطار جي وقتن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو پر صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي.