عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگرديءَ جو نوٽيس وٺي: عمران خان

May 29, 2017 at 4:00 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان گذريل ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران برهانواني جي جانشين سميت 11 ڄڻن جي شهادت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جو قتل عام رياستي دهشتگردي آهي، هڪ بيان ۾ عمران خان عالمي برادريءَ سان مطالبو ڪيو ته هو ڪشميري عوام تي ڀارتي رياستي دهشتگرديءَ جو فوري نوٽيس وٺي. عمران خان چيو ته ڪشميري عوام جي خواهشن جي برعڪس ڪشمير مسئلي جو ڪوئي به حل قبول نه ڪيو ويندو اسان ڪشميري عوام جي حقن جي جدوجهد جي هميشا همايت ڪندا رهندا سين، هن عالمي ادارن تي تنقيد ڪندي چيو ته بدقسمتي سان عالمي سياست ۾ ڀارت کي ڪشميرين تي بي وجا ظلم ۽ ستم ڪرڻ جي اجازت آهي، جڏهن ته اسان ائين چوڻ نه ڏينداسين.

اي پيپر