ڪراچي (اين اين آءِ) واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي سنڌ جي قانون واري وزير سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جوروزي رکڻ واري وقت لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي عويٰ ڪوڙي نڪتي، نون ليگ جا حڪمران ايترا ته انڌا ٿي ويا آهن جو ڀلاري مهيني رمضان شريف ۾ ڪوڙ ڳالهائن ٿا، آچر تي پنهنجي بيان ۾ قانون واري صوبائي وزير وزيراعظم کي مخاطب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي، ميان صاحب توهان جو وزير توهان کي به ڌوڪو ڏئي ويو، ڪراچيءَ ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ واپڊا عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي شهر ۾ پنهنجي مرضي ڪرڻ نه ڏينداسين. ڪي اليڪٽرڪ جي شهرين جي بجلي جي ضرورت پوري نه ٿا ڪري سگھو ته ڪوئي ٻيو رستو ڪڍڻ به ڄاڻيون ٿا. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اسان ڌرڻو قيامت تائين ياد رکيو ويندو.