ايس اين پي شاد کوسو پاران وفاقي سرڪار پاران پيش ڪيل بجيٽ عوام ۽ سنڌ دشمن قرار

ڪراچي ( پ.ر) سنڌ نيشنل پارٽي جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين پروفيسر سچل ڪلوڙ. مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر مجاهد اعواڻَ. الطاف مهر. غلام رسول مارفاڻي. احمد سومرو ۽ ٻين وفاقي سرڪار پاران پيش ڪيل بجيٽ کي عوام ۽ سنڌ دشمن بجيٽ قرار ڏيندي چيو ته پيش ڪيل بجيٽ ڪنهن به  عوامي ناهي. هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر اڳ ئي مهانگائي عروج تي پهتل آھي . نئين بجيٽ تي عمل ٿيڻ سان عوام جي چيلھ چٻي ٿيندي. هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي اڪثر آبادي جي ماڻھن جي جياپي جو دارومدار زرعي پيداوار آھي.پر بجيٽ ۾ زرعت کي هٿي وٺڻ لاء ڪوبه رليف نه رکيوويوآهي . هنن وڌيڪ چيو ته  مهاناگائي عروج تي پهتل آھي.مزدور اڳ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيوآھي ويتر بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي تنخواه ۾ 10 سيڪڙو ۽ مزدورن جي اجوري ۾ غير معمولي واڌ مزدور طبقي جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي.هنن وڌيڪ چيو ته موجوده بجيٽ پيش ڪرڻ مان واضع ٿي ويوآھي ته نواز ليگ  عوامي نه پر سرمائيدارن جي پارٽي آھي. هنن وڌيڪ چيو ته پيش ڪيل بجيٽ ۾ سنڌ لاء ڪوبه ميگاپروجيڪٽ نه رکڻ سنڌ جي عوام کي گذريل چونڊن ۾ نواز ليگ کي ووٽ نه ڏيڻ جي سزا آھي. سنڌ جي عوام کي هاڻي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته نواز ليگ جي ايجنڊا ۾ سنڌ جي ترقي شامل ئي ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *