شڪارپور ويجهو پراڻي تڪرار تان هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان حملو ، ڇتي فائرنگ ، ٽي ڄڻا قتل
May 29, 2017 at 3:48 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
رپورٽ : عتيق ڌڪڙ شڪارپور : شڪارپور ويجهو جتوئي برادري جي ٻن پاڙن ۾ پراڻي تڪرار تان هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان حملو ، ڇتي فائرنگ ، علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو ، ٽي ڄڻا قتل ، پنج زخمي ، علائقي ۾ خوف و حراس ، ڪيس داخل ٿي نه سگهيو. تفصيل موجب : ڪالھ شڪارپور جي ويجهو فيضو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر بڍاڻي ۾ جتوئي برادري جي ٻن پاڙن بڍاڻي ۽ خاناڻي ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو ، جوابي ۽ دو بدو فائرنگ ۾ سعيد خاناڻي ۽ عبدالجبار بڍاڻي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته اسماعيل بڍاڻي ، سومر بڍاڻي، اصغر خاناڻي سيمت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، زخمين مان اسماعيل بڍاڻي کي چڪ اسپتال علاج لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻين زخمين کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي ، معلو ٿيو آهي ته واقعي وقت ٻنهي ڌرين ۾ هڪ ٻئي تي حملي سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو ، اطلاعن باوجود ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جنهن لاش تحويل ۾ ورتا ، ٻي طرف علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو آهي ۽ ٻئي ڌريون هڪ ٻي خلاف مورچه بند ٿي ويون آهن ، بڌايو وڃي ٿو ته جتوئي برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ ڪجھ سال اڳ پوليس جي مغبري ڪرڻ تي جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي آهن جڏهن ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جو جاني نقصان کان علاوه مالي نقصان به ڪيو آهي ، هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ هن وقت تائين ڪنهن سردار ، وڏيري ۽ ضلع انتظاميه ڪي به قدم نه کنيا آهن.