رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي ڪراچي اليڪٽرڪ جي دعويٰ هوا ۾ اڏي ويا
May 29, 2017 at 3:44 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ) رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جا ڪي اليڪٽرڪ جا دعويٰ هوا ۾ اڏي ويا، رمضان جي پهرين تراويح ۽ روزي رکڻ جي موقعي تي بجلي بند ٿيڻ تي سياسي ۽ ديني پارٽين کانسواءِ عام شهرين سخت احتجاج ڪيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ پاران رمضان ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي دعويِٰ غلط ثابت ٿي ۽ ڪراچي جي ڪيترا ئي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سان اورنگي ٽائون، بلديا ٽائون، ڪورنگي، لانڍهي، لياقت آباد، ناظم آباد، ايف بي ايريا، محمود آباد، گلشن اقبال، هجرت ڪالوني ۽ ڪيترا ئي علائقا بجلي کان محروم رهيا، لانڍهي ۽ شاهه فيصل جي مختلف علائقن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي. مختلف علائقن ۾ به روزي رکڻ ۽ فجر جي نماز جي وقت ۾ بجلي بند ڪئي وئي. ڪراچيءَ ۾ اڻ اعلانيل ڊگھي لوڊشيڊنگ تي پي ٽي آئي جي خرم شيرزمان، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الردحمان، جي يو آءِ جي اسلم غوريءَ ۽ جي يو پي جي قاضي احمد نوراني سخت احتجاج ڪندي سنڌ جي وڏي وزير کي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.