موجوده حڪومت اڄ پنهنجو آخري بجيٽ پيش ڪري رهي آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو): پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته موجوده حڪومت اڄ پنهنجو آخري بجيٽ پيش ڪري رهي آهي، قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اڄ حڪومت عوام کي سبز باغ ڏيکارڻ جو هر حربو استعمال ڪندي، هن چيو ته اڄ ڊي چوڪ تي هارين تي تشدد ڪيو ويو، ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، هاري پاڪستان جي معيشت ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندا آهن، شاهه محمود قريشي مطالبو ڪيو ته گرفتار هارين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *