ڪير ڪيترو به آفيسر هجي، آهي ته سنڌ سرڪار جي ماتحت: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته آفيسر پنهنجو قبلو درست ڪن ،ڪير ڪيترو به آفيسر هجي سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي. جڏهن به پي پي پي جي حڪومت وفاق ۾ نه هوندي آهي سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه چيو ته سندس کاتو صحافين سان هر ممڪن سهڪار ڪندو. صحافين لاءِ ڪمپلينٽ سيل ٺاهيو ويندو ته جئين شڪايتن جو جو فوري ازالو ٿي سگهي. هن چيو ته اشتهار سرڪيوليشن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڏنا ويندا.اي پي اين ايس سان سڀاڻي (اڄ) گڏجاڻي آهي جنهن ۾ هو اخباري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جو معاملو به اٿاريندو. هن چيو ته اسان جو رٿائون هاڻ وقت سر مڪمل ٿين پيون.مخالفن وٽ ايترو ويزن ئي نه آهي جو هو بهتري ڏانهن وڃن. صوبائي حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا وچ ۾ جاري تڪرار بابت سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته آفيسر پنهنجو قبلو درست ڪن،ڪير ڪيترو به آفيسر هجي ماتحت سنڌ حڪومت جي ئي آهي. هن چيو ته نوري آباد واري بجلي جي رٿا فعال ٿيڻ سان ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي کوٽ پوري ٿي سگهي ٿي.ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر سراج احمد خان، سيڪريٽري مقصود يوسفي ۽ ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا. هن چيو ته سنڌ حڪومت جا فنڊز ليپس ٿيڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا صداقت ناهي، ترقياتي منصوبا وقت کان پهريان مڪمل ٿي رهيا آهن، اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽرن سان تعارفي گڏجاڻي جي صدارت دوران ڳالهائيندي هن چيو ته تمام آفيسرن کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو، ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات عمران عطا سومرو ۽ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات کاتو سميع صديقي پاران صوبائي وزير اطلاعات ناصر حسين شاهه کي کاتي جي معاملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني.0229

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *