اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ نئين مالي سال 18-2017 جو بجيٽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پڙهي ٻڌايو. بجيٽ شروع ٿيڻ کان اڳ اجلاس سان ڳالهائيندي هن چيو ته 2013 ملڪ ۾ ڏيوالو نڪرڻ وارو هو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چونڊيل وزير اعظم ۽ بطور ناڻي واري وزير جي مسلسل پنجون بجيٽ پيش ڪري رهيون آهيان. اڄ ن ليگ جي حڪومت جو مسلسل پنجون سال آهي. هن چيو ته اها شئي جمهوريت کي مضبوط ڪندي، عالمي بينڪ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ نه پئي چاهي جڏهن ته مالي خسارو 8 سيڪڙو کان وڌي چڪو هو. لوڊشيڊنگ ۾ واضع گهٽائي آئي آهي ايندڙ سال لوڊشيڊنگ مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي. هن چيو ته ان سال ڊي جي پي ۾ واڌ جي شرح 5 ڏهائي 3 سيڪڙو آهي جڏهن ته هن سال مشينري جي درآمد ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي. صنعن جي لاءِ لوڊشيڊنگ ناهي ڪئي، عالمي ادارا چئي رهيا آهن ته پاڪستان 2030 ۾ دنيا جي 20 وڏين معاشي طاقتن ۾ شامل ٿي ويندو. اسحاق بجيٽ اجلاس دوران پنجن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي ٻڌائيندي چيو ته عالمي برادري تي اسان جو معاشي اعتماد بحال ٿيو، ايگري ڪلچر سيڪٽر بهتري ڏانهن وڌي رهيو آهي، زرعي پيداوار ۾ هلندڙ سال 3 ڏهائي 46 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته پاڪستان جي معيشت جو حجم 300 آمريڪي ڊالرن کان به وڌيڪ آهي. پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي ۾ هر لحاظ سان بهتري آئي آهي ۽ ڪڻڪ ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ به رڪارڊ واڌ آئي آهي. هن چيو ته سروسز ٽيڪس ۾ 5.98 سيڪڙو واڌ ٿي. اووسيز پاڪستانين جي ترسيل ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته 4 سالن ۾ ٽيڪس محصولات ۾ 81 سيڪڙو واڌ ٿي. پاڪستان جي ٽيڪس وصولين ۾81 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته حڪومت جي غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آئي آهي. پاڪستان ۾ في ڪس آمدن 1631 ڊالر رهي. هن چيو ته پاڪستان ظاهري سڌارا ڪندڙن 10 ملڪن ۾ شامل آهي، گذريل هفتي ڪمپنين بابت بل کي منظور ڪيو. مالي خسارو گهٽ ٿي 4 سيڪڙو تي اچي ويو آهي ۽ عورتن کي لسٽڊ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽر ۾ نمائندگي ڏني ويندي. هن چيو ته پهرين جون کان پوءِ پاڪستان ايمرجنگ مارڪيٽ بڻجي ويندو، ايف بي آر جي ريونيو ٽارگيٽ ۾ 14 سيڪڙو واڌ جو پلان آهي. سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس واڌ ڪئي آهي. روزگار جي موقعن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته زراعت، مالي شعبي، برآمد ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. 300 ماهوار يونٽ استعمال ڪندڙ صارفن جي لاءِ سبسڊي جار رکي ويندي، بينظير انڪم سپورٽ جي لاءِ 121 ارب مختص ڪرڻ جي تجويز آهي ۽ ليپ ٽاپ اسڪيم جي لاءِ 20 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. بجلي تي سبسبڊي 118 ارب رپيا رکي وئي آهي. بينظير انڪم سپورٽ مان 68 لک مستحق فائدو وٺندا. هن سال ٽيڪس وصولين جو هدف 3521 ارب آهي. بجيٽ تقريب دوران ناڻي واري وزير شهيدن جي خاندانن جي لاءِ فلاحي اسڪيم شروع ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. هن چيو ته غريب ڪٽنبن جي مالي مدد لاءِ 50 هزار رپين جي اسڪيم جو اعلان ڪري رهيا آهيون جڏهن ته هارين کي 50، 50 هزار قرض ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ جو اعلان ڪيو ويو، پورهيتن جي پگهار 14 هزار مان وڌائي 15 هزار ڪئي وئي، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو.