سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس 2 جون تي طلب، رينجرز ۽ پوليس لاءِ 80 ارب مختص

ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 18-2017 جو بجيٽ اجلاس 2 جون تي منجهند 3 وڳي ٿيندو جڏهن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪندو. خابرو ذريعن موجب سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾  امن امان، پوليس ۽ رينجرز جي لاءِ 80 ارب مختص ڪيا ويا آهن. ترقياتي پروگرامن جي مد ۾ 2 سئو 40 ارب مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ ۾  ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *