ڀارت ۾ انسانن کي ڍال طور استعمال ڪرڻ بزدلاڻو  عمل آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد( بيورو ) پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر گڏيل قومن کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته ڪشمير ۾ انسانن کي ڍال طور استعمال ڪرڻ بزدلاڻو عمل آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ کي بدنام ڪرڻ لاءِ دهشتگردي جا الزام هڻي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سرينگر ۾ جامع مسجد ٻاهران هر جمعي تي ڀارتي فوج مقرر ڪئي ويندي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته ڪشميري اڳواڻ آغا روح الله ٻڌايو ته ڀارت آزادي جي جدوجهد کي بدنام ڪرڻ لاءِ داعش ٺاهي رهيو آهي. هن چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي گڏيل قومن جي مبصرن تي به فائرنگ ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن کي مذهبي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته ڀارتي شهري شيخ نبي احمد تائين قونصلر پهچ جي درخواست نه ملي آهي. هن چيو ته چمن ۾ پاڪ افغان سرحد تي گڏيل سروي مڪمل ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته فليگ ميٽنگ کانپوءِ ئي باب دوستي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *