ساهيوال(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ديامر ڀاشا پراجيڪٽ ڏٺو ته اسان حيران ٿي وياسين ان جي ته زمين به نه خريد ڪئي هئي، هن چيو ته هنن اڳوڻين حڪومتن ڪيترو ظلم ڪيو، شهباز شريف چيو ته وزيراعظم قوم سان اوندهه دور ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، هن چيو ته سي پيڪ تحت منصوبن تي قوم هميشه نواز شريف کي ياد رکندي، سندس چوڻ هو ته هڪ سياسي جماعت جي ڌرڻن سبب منصوبن ۾ دير ٿي، شهباز شريف چيو ته ڌرڻن وارن جي هٺ ڌرمي سان چيني صدر جو دورو دير جو شڪار ٿيو، هن چيو ته 60 ارب رپين جي لاڳت سان ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ زمين خريد ڪئي وئي آهي، سندس چوڻ هو ته ڌرڻي وارن جي لاڪ ڊائون جي ڪوشش کي به عوام ناڪام بڻائي ڇڏيو، هن چيو ته نندي پور پاور پلانٽ گذريل حڪومت جي نااهلي جو هڪ ٻيو مثال آهي، شهباز شريف چيو ته اڄ ماڻهو الزامن هڻي رهيا آهن، اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، هن چيو ته ملڪ نواز شريف جي قيادت ۾ اڳتي ويندو، سندس چوڻ هو ته ماضي جي حڪومتن توانائي منصوبن جي نالي تي قوم جا اربين رپيا ٻوڙيا.