ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ڪنهن به پوليس آفيسر کي سنڌ جي گهرو وزير جي اجلاس ۾ شرڪت کان ناهي روڪيو. اهڙو ناڪاري تاثر عام ڪري ڪجهه عنصر پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ چاهن ٿا. سنڌ جي نئين گهرو وزير جي آمد سان گڏوڏگ سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ جي تڪرار ۾ شدت اچي وئي آهي. سنڌ پوليس جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي واضع لفظن ۾ تصديق سامهون اچي وئي آهي ته ڪنهن پوليس آفيسر کي سنڌ جي گهرو وزير جي اجلاس ۾ شرڪت کان ناهي روڪيو ويو تنهن هوندي آفيسر لاڳاپيل هيڊ ڪوارٽرن کان ٻاهر وڃڻ جو اطلاع دفتر ۾ نوٽ ڪرائن. اطلاع ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. آفيسر سنڌ جي ٻين جي ضلعن ۾ پنهنجا فرض سر انجام ڏئي رهيا آهن. اهو حڪم اعليٰ اختيارين جي هدايت جي موجب آهي، بدقسمتي سان ڪجهه غلط تاثر ان بابت عام ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙو تاثر عام ڪرڻ جو مقصد پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ آهي.