جيڪب آباد ۾ واپڊا هائيڊرو يونين پاران ملازمن جون پگھارون وڌائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد (ڊ،ر) جيڪب آباد واپڊا هائيڊرو يونين پاران مهنگائي سبب ملازمن جون پگھارون 100فيصد وڌائڻ ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف جا اسڪيل اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون
ٻڌي احتجاجي مظاهرو، ڪڍي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندو ڊي سي چوڪ تي پهتو، جتي هنن ڌرڻو هنيو ،جتي هنن سندس نعري بازي ڪئي،خبرموجب؛ جيڪب آباد واپڊا هائيڊرو يونين پاران واپڊا آفيس کان ڊويزنل چيئرمين محبوب لاشاري، ڊويزنل سيڪريٽري بابو محمد حنيف لاشاري جي اڳواڻي ۾ واپڊا ملازمن سان گڏ جي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪڍيو ويو جيڪو شهر جي مختلف رستن کان ٿيندو نعريبازي ڪندو ڊي سي چوڪ تي پهتو جتي مظاهرين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ، ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته مهنگائي جي هن ڳاٽي ٽوڙ دور ۾ واپڊا ملازمن جو پگھارون 100 فيصد وڌايون وڃن ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف جا اسڪيل جلد از جلد اپ گريڊ ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، بعد ۾ ملازمين واپس آفيس پهچي پنهجي ڪمن ڏانهن روانه ٿي ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *