سياست گار بڻجي چڪي آهي، زال مڙس کي چوي ٿي ته مون سان سياست نه ڪري: خورشيد شاهه

May 26, 2017 at 5:09 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد( بيورو ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياست جو لفظ هڪ گار بڻجي ويو آهي، زال پنهنجي مڙس کي چوي ٿي ته مون سان سياست نه ڪري. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته ماضي ۾ جانور جو به خيال رکيو ويندو هو پر هاڻي اها سوچ نه آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ برداشت جو مادو ختم ٿي رهيو آهي، دنيا ۾ بهترين سياسي نظام سان ئي برداشت جي پاليسي لاڳو ٿيندي آهي، سياست جو اصل مطلب ئي مدد ۽ خير جو ڪم آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان آمريت رهي آهي، اسان ڊڪٽيٽرشپ کي سهندا رهيا آهن، ضياءَ الحق جو به دور ڏٺو ويو، ان دور ۾ هڪ خاص طبقي کي اهميت ڏني وئي، هڪ ناڪاري سوچ سان پنجابي، سنڌي،  مهاجر، بلوچ ۽ پٺاڻ کي ورهايو ويو. خورشيد شاهه چيو ته قوميت مان نڪري ذات پات ۾ داخل ٿيڻ ورهاڱي جو پهريون قدم آهي پر اسان ذات برادريءَ ۾ خطرناڪ حد تائين اڳتي نڪري چڪا آهيون، اسان جي ملڪ ۾ برادري سسٽم ٺاهي ووٽ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان کي عدم برداشت جي رويي کان نڪري ذات پات جي نظام کان ٻاهر نڪرڻو پوندو ۽ ميڊيا کي به گهرجي ته اها عوام ۾ برداشت جي طاقت وڌائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري ۽ اها سوچ پيدا ڪري جيڪا اسان کان الڳ ٿي چڪي آهي.

اي پيپر