اسلام آباد (بيورو): پاڻي بجلي واري وفاقي وزير خوا آصف چيو آهي ته سمورن صوبن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي پلان کان آگاهه ڪيو، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن بابت معاملن تي غور ڪيو ويو، هن چيو ته ڪو صوبو پاڻ ٽرانسميشن لائين وڇائڻ چاهي ٿو ته ان جي اجازت آهي، خواجا آصف چيو ته سنڌ حڪومت نوري آباد کان ڪراچي تائين ٽرانسميشن لائين وڇائي آهي، ڪراچي ۾ بجلي سپلاءِ ڪري رهيا آهيون، 7، 8 وڏا ٽاور آنڌاري سبب ڪري پيا.