فيصلو ڪيو پنهنجي ملڪ خلاف ڪم ناهي ڪرڻو، درست رستو اختيار ڪيو ته ملڪ ڇڏڻو پئجي ويو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (م ڊ): پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته مان ڇا ”را“ جي ايجنٽ لاءِ ڪم ڪري رهيو هيس، ميئر هئڻ سبب ٽي گاڏيون منهنجي اسڪارٽ ۾ هيون، نيب آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته فيصلو ڪيو پنهنجي ملڪ خلاف ڪم ناهي ڪرڻو، درست رستو اختيار ڪيو ته ملڪ ڇڏڻو پئجي ويو، ٻارن ۽ پاڻ يک بچائڻ /لاءِ را جي ايجنٽ جو ساٿ ڇڏيو ته شهر ۽ ملڪ ڇڏڻو پئجي ويو، جڏهن مون تي شيون ظاهر ٿيون ته فيصلو ڪيو ته ملڪ خلاف ڪو ڪم ناهي ڪرڻو، هن چيو ته مون فيصلو ڪيو ته را جي ايجنٽ خلاف وڙهندس، ”را“ جي 22 سالن جي ڳٺ جوڙ کي اسان سياسي طور ماري ڇڏيو، نيب سامهون ٻن ڪيسن ۾ مون کي گهرايو ويو، عوامي مسئلن لاءِ 16 نڪتن تي 6 اپريل تي 18 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو، 26 اپريل تي نيب جو پهريون خط آيو، اتفاق آهي ته ڌرڻو ۽ ريلي ختم ٿيڻ تي نوٽيس مليا، 11 سال پراڻي ڪيس ۾ نيب جي آفيس گهرايو ويو، هن چيو ته 14 مئي تي ريلي ڪڍي، ريلي ختم ٿي ته 15 مئي تي ٻيو ڪيس اچي ويو، مان هر وقت جواب ڏيڻ لاءِ تيار هيس ۽ تيار آهيان، مون کان معلومات وٺڻ لاءِ نيب گهرايو هيو، منهنجي زماني ۾ ميئر کي پلاٽ وڪڻڻ جو اختيار نه هيو، مصطفيٰ ڪمال چيو ته اکين ڏٺي شاهد طور يارنهن سال پراڻيون ڳالهيون مون کان پڇيون ويون، الله جو ڪرم آهي غلطي سان به غلطي نه ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *