عمران خان ۽ جمائما جا بينڪ دستاويز مهيا ناهن ڪيا ويا: دانيال عزيز

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي عمران خان ۽ جمائما جا بينڪ دستاويز مهيا ناهن ڪيا ويا. قوم سان واعدو ڪيو آهي ته عمران خان جو اصل چهرو سڀني جي سامهون آڻينداسين. اسلام آباد ۾ ميڊي سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته عمران خان جو پاناما ڪيس ۾ هڪ الزام به سچ ثابت ناهي ٿي سگهيو، تحريڪ انصاف وارا ناليوارا چور آهن. هن چيو ته ڪرپشن جي خاتمي جي دعويٰ ڪندڙن پنهنجي ئي صوبي ۾ احتساب ڪميشن بند ڪرايو. تحريڪ انصاف وارا هڪ جعلي اي ميل کي پنهنجي مني ٽريل چئي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي مني ٽريل وارا دستاويز پڪوڙن وارن وٽان ملندڙ ڪاغذ آهن. عمران خان تاثر ڏيندو آهي ته هو احتساب لاءِ تيار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *