هاڻ امن امان جي صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي: محمد زبير

ڪراچي(م ڊ)سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته هاڻ امن امان جي صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي. ڪراچي ۾ دائود انجنيئرنگ ڪاليج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد زبير چيو ته 34 ملين ڊالر انرجي سيڪٽر تي لڳائي رهيا آهيون اڄ انڊسٽرين ۾ هڪ منٽ به لوڊشيدنگ ناهي ٿي رهي. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ ٻاهران ايندڙ ڪو به ماڻهو ڪراچي اچڻ جي لاءِ تيار نه هو ۽ اڄ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري سڄو پاڪستان گهمي رهيو آهي، جڏهن افتخار چوڌري ڪراچي آيو ته 60 ماڻهو ماريا ويا ۽ ڪنٽير لڳائي رستا بند ڪيا ويا، اهو ڪراچي جو ماضي هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *