ليبر جي اسپتالن ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون: ناصر شاهه

ڪراچي(م ڊ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ليبر جي اسپتالن ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، آفيسر ڪهڙي به پارٽي جا هجن انهن کي پروموشن سينارٽي جي بنياد تي ڏنا ويندا. ڪراچي جي نيپا آفيس جو دور ڪري آفيسرن کان هلندڙ منصوبن بابت بريفنگ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته پورهيتن جي لاءِ ٺاهيل اسپتالن ۾ 347 ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويا آهن، پورهيتن کي هر ممڪن صحت جي سهولت ڏني ويندي. ناصر حسين شاهه چيو ته ليبر ڊپارٽمينٽ ۾ خالي پيل جاين کي تمام جلد ميرٽ تي ڀريو ويندو، جنهن لاءِ ڪنهن سٺي ساک رکندڙ اداري کي چيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *