سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪراچيءَ ۾ هيوي ٽريفڪ لاءِ 3 روٽ مقرر ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( بيورو ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ ڳرين گاڏين لاءِ 3 روٽس مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هيوي ٽريفڪ جي شهر ۾ داخلا خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالتي حڪم موجب  پهريون رستو سپر هاءِ وي کان نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا آهي، هيوي ٽريفڪ لاءِ ٻيو رستو نيشنل هاءِ وي کان ڄام صادق پل تي ويندو، جڏهن ته ٽيون رستو ناردرن باءِ پاس کان  ڪراچي پورٽ تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو. عدالت چيو ته ڳرين گاڏين کي شهر جي ٻين روڊن تان گذرڻ جي اجازت نه هوندي. عدالت ڪراچيءَ ۾ ٽنهي رستن تي هيوي ٽريفڪ جي آمدرفت ممڪن بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *