راولپنڊي/نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ڀارتي هوائي فوج جي سربراهه آفيسرن کي مختصر نوٽيس تي آپريشن لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي ايئر چيف ايئر ڊفنس ونگ جي 12 هزار آفيسرن کي خط ۾ لکيو آهي ته هوائي فوج موجوده سامان سان گڏ حملي لاءِ تيار رهي، هدف پاڪستان ٿي سگهي ٿو، ڀارتي هوائي فوج جا فائيٽر اسڪواڊرن جو انگ 33 آهي جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ جنگي جهاز آهن.هوڏانهن پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج طرفان چيڪ پوسٽ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور طرفان جاري ڪيل بيان چيو ويو آهي ته لائن آف ڪنٽرول تي چيڪ پوسٽ تباهه ڪرڻ جي ڀارتي دعويٰ غلط ۽ ڪوڙ آهي. هن چيو ته نوشهره سيڪٽر واٽ پاڪستاني چيڪ پوسٽ تباهه ڪرڻ جي ڳالهه ۾ ڪابه صداقت ناهي. ٻئي طرف ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو آهي ته پاڪستاني چيڪ پوسٽ تباهه ڪرڻ جي ڀارتي دعويٰ ڪوڙي آهي، ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالباسط چيو ته پاڪستان جو تڪرار مسئلن کي پرامن طريقي حل ڪرڻ بابت آهي، هن چيو ته ان معاملي تي ڀارت وٽ پنهنجي وڏائي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ناهي، پاڪستان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، دهشتگردي بابت پاڪستان جو موقف سخت رهيو آهي، پاڪستان ڳالهين کان پٺتي نه هٽي رهيو آهي، ڪشمير مسئلو سمورن مسئلن جي پاڙ آهي، هن چيو ته جاسوس ڪلڀوشن جو ڪيس قانوني گهرجن سان گڏ هلي رهيو آهي.