حب الوطني تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي، 22 آگسٽ جو ڪيس واپس ورتو وڃي: فاروق ستار

ڪراچي(م ڊ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سندن ملين مارچ ۾  6 ٻڙيون هونديون، عوام ڪالهه به ساڻن گڏ هو ۽ اڄ به آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر
فاروق ستار چيو ته سندن ڪارڪنن جون گرفتاريون جاري آهن ۽ سندن ڪارڪنن تي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هن چيو ته کين پنهنجون جائز ۽ قانوني آفيسون اڄ تائين نه ملي سگهيون آهن، کين ساڳي ڪيس ۾ رکڻو هو ته 22 آگسٽ جي رات نه ڇڏڻ گهرجي ها. سندن ڪيترائي ڪارڪن جيلن ۾ قيد آهن، هو عدليه جو احترام ڪن ٿا، کين پنهنجون آفيسون واپس ملڻ گهرجن.  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪنهن جي حب الوطني تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو عزت جو موت مرڻ چاهين ٿا، هو غداري جو الزام کڻي زنده نه رهڻ چاهين. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا الزام هنيا ويندا آهن، ايم ڪيو ايم جو اهڙن ڪيسن ۾ ميڊيا ٽرائل ٿيندو آهي، هو عدالتن کان ڊڄڻ وارن مان نه آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته مٿن سمورا ڪيس سياسي آهن، حڪومت 22 آگسٽ واري ڪيس تي نظرثاني ڪري

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *