تهران (م ڊ) ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته رياض سربراهه ڪانفرنس جي حيثيت شو کان وڌيڪ نه هئي، هن چيو ته پنهنجي ماڻهن جو پئسو سپر پاورز کي ڏئي دهشتگردي جو مسئوو حل نٿو ڪري سگهجي، ايراني صدر حسن روحاني وڌيڪ چيو ته گڏيل احترام ۽ مفاد جي بنياد تي رابطن جي لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته رياض ڪانفرنس جي ڪا عملي يا سياسي اهميت ناهي