سعودي ڪانفرنس جا مقصد سٺا هئا، سازشي عنصر اسلام جو نالو بدنام پيا ڪن: وزيراعظم

مدينه منوره (م ڊ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سعودي ڪانفرنس جا مقصد سٺا هئا، سازشي عنصر اسلام جو نالو بدنام ڪري رهيا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، 120 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي، دهشتگردي خلاف گڏجي مقابلو ڪرڻ گهرجي. مدينه منورا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته آمريڪي صدر سان ملاقات هاڪاري رهي، هن چيو ته سعودي ڪانفرنس جا مقصد سٺا هئا، دهشتگردي جو گڏي مقابلو ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو، وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، جنهن وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 120 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، نواز شريف چيو ته دهشتگردي جو سڀني کي گڏ مقابلو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته دهشتگرد اسلام جو نالو بدنام ڪري رهيا آهن، وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسلامي ملڪن جو دهشتگردي خلاف هڪ ٿيڻ ضروري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *