ترقي جو عمل سياست جي ور نه چاڙهڻ گھرجي، پاڪستان جي خوشحالي ترجيح آهي:نواز شريف

May 20, 2017 at 7:10 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ترقي جو عمل سياست تي ور نه چاڙهڻ گھرجي پاڪستان جي خوشحالي هر هڪ جي ترجيح آهي، صحت تعليم ۽ ٻين سماجي شعبن جي ڳوٺاڻي ترقياتي منصوبن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هو جمعي تي قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو اجلاس ۾ وزيراعظم آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي گورنر، سنڌ پنجاب ڪي پي ڪي بلوچستان جا وڏا وزير وفاقي ۽ صوبائي وزير گلگت بلتستان جو وڏو وزير به موجود هو، وزير اعظم چيو ته 5.28 سيڪڙو جي شرح نمو تعريف جوڳي آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ جي ترقي جي لاءِ ٻڌي ان ڪم ڪري رهيو آهن. هن ٻڌايو ته چين ۾ بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي دوران سمورا وڏا وزير ان سان گڏ رهيا ۽ دنيا ڏٺو ته ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ اتفاق رائي آهي، اهو تمام سٺو پيغام هيو ته اسان گڏ آهيون ، اسان توانائي جي منصوبن تي ڌيان ڏنو آهي نه صرف بجلي جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي پر اسان صارفين جي لاءِ سستي بجلي فراهم ڪري رهيا آهيون. اسان ايل اين جي ڪوئلو، هائيڊل، سولر ۽ ونڊ سميت توانائي جي مختلف جي ذريعا ڪم آڻڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون.، هن چيو ته ترقي کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گھرجي. موجودا حڪومت مالي سال 2012-13 جي مقابلي ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام 2017-18 ۾ صوبن حصو ٽي دفعا وڌيڪ وڌايو آهي، هن چيو ته فاٽا، اي جي ڪي ۽ گلگلت بلتستان وفاقي حڪومت لاءِ ٻين سمورن صوبن وانگر اهم آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صحت تعليم ۽ ٻين سماجي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.

اي پيپر