ڪنهن حد تائين عالمي عدالت انصاف ۾ ڀارت جو موقف تسليم ٿيو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪنهن حد تائين عالمي عدالت انصاف ۾ ڀارت جو موقف تسليم ٿيو، اسان عالمي عدالت انصاف جي دائره اختيار کي چئلينج ڪيو هو، اڃا ڪيس هلي رهيو آهي، ڪلڀوشن خلاف ڪافي شاهديون موجود آهن، ڪلڀوشن پنهنجي ڏوهن جو اعتراف ڪري چڪو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان کي آءِ سي جي جي حتمي فيصلي کان لاتعلق نه ٿيڻ گهرجي، سڄو بار هڪ اداري تي وجهڻ مناسب ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *