قومي اسيمبليءَ ۾ تڪرار ۾ متبادل حل 2017 وارو بل تحفظ گواهه بل 2017 عوامي نمائندگي وارو بل 2017 سميت ڪيترن ئي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبليءَ ۾ تڪرارن جي متبادل حل 2017 بل، تحفظ گواهه بل، عوامي نمائندگيءَ وارو بل 2017 سميت ڪيترن ئي بلن جي اتفاق رائي سان منظوري ڏني وئي، خميس تي قومي اسيمبليءَ ۾ وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته تقرارن واري متبادل حل وارو بل 2017 سينيٽ جي منظور ٿيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. تحريڪ جي منظوري کان پوءِ اسپيڪر بل جي هڪ هڪ ڪري سمورن شڪن جي منظوري حاصل ڪئي. ان دوران ڊاڪٽر نفيسا شاهه چيو ته اها ڳالهه واضع ناهي ته قتل جو ڏوهه به ان بل جي دائري ۾ اچي ٿو يا نه، وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته اسان ان حوالي سان هر هڪ سان رائي ورتي آهي، بل هر ڳالهه چٽي آهي ۽ هر اعتراز جوڳي ڳالهه بل مان ختم ڪئي وئي آهي، هاڻي اهو بل گڏيل آهي، ان کي سمورين پارٽين ۽ سول سوسائيٽيءَ جي همايت حاصل آهي عورتن جي نمائندگي يقيني بڻائي وئي آهي، فيملي جا معاملا ان دائري ۾ نه ايندا. ڊاڪٽر نفيسا شاهه جي پڇڻ تي وفاقي وزير چيو ته اهڙا سمورا ڏوهه جيڪي سيڪشن 343 ۾ اچن ٿا اي ڊي آر جي ذريعي انهن مان ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي. ايوان مان سمورين شڪن جي منظوريءَ کان پوءَ تاريخ پيش ڪئي ته تڪرارن جي متبادل حل واري بل 2017 کي منظور ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي اتفاق رائي سان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته اها تاريخي نوعيت جي قانون سازي آهي، ۽ اهو صرف وفاقي گاديءِ واري هنڌ تائين محفوظ آهي. صوبا به هن جي تائيد ڪن. هزارين التويٰ هيٺ ڪيس متبادل تڪرارن جي حل واري نظام تحت حل ٿي سگھندا. جيڪڏهن اهو ڪامياب ٿي ويو ته عوام کي وڏو فائدو ٿيندو. اجلاس دوران قومي دهشتگردي خاتمي اٿارٽي ترميمي بل 2017 منظور ڪيو ويو، پ پ پ جي سيد نويد قمر تحريڪ پيش ڪئي ته قومي دهشتگردي خاتمي اٿارٽي ترميمي بل 2017 کي غور هيٺ آندو وڃي. ايوان مان تحريڪ جي منظوريءِ کان پوءِ اسپيڪر بل جي ڇڪ ۽ منظوري حاصل ڪئي، سيد نويد قمر تحريڪ پيش ڪئي ته بل منظور ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس دوران ايراضي حاصل ٿيندڙ ترميمي بل 2017 جي منظوري ڏني وئي، ثريا اصغر تحريڪ پيش ڪئي ته حصول ايراضي ترميمي بل 2017 تي غور ڪيو وڃي تحريڪ جي منظوريءَ کان پوءِ اسپيڪر بل جي سمورن شڪن جي منظوري ورتي، ثريا اصغر تحريڪ پيش ڪئي ته حصول ايراضي ترميمي بل 2017 به منظور ڪيو وڃي، ايوان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس دوران قومي اسيمبلي گواهن جي تحفظ جي حوالي سان تحفظ گواهه به 2017 به منظور ڪري ورتو. ثريا اصغر تحريڪ پيش ڪئي تحفط گواهه 2017 تي غور ڪيو وڃي ايوان مان منظوري کان پوءِ شفقت محمود چيو ته گواهن جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي اهم آهي، گواهن جو تحفظ نه هجڻ سان به دهشتگرد کي سزا نه ٿي ملي سگھي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته جج ۽ وڪيل جو به تحفظ هجڻ گھرجي، ان کان پوءِ اسپيڪر بل جي شڪن جي منظوري ورتي. ان کانپوءِ اهو بل قومي اسيمبليءَ منظور ڪري ورتو. اجلاس دوران عوام نمائندگي بل 2017 جي منظوري ڏني وئي سيد نويد قمر تحريڪ پيش ڪئي ته عوامي نمائندگي بل 2017 تي غور ڪيو وڃي. زاهد حامد چيو ته ان حوالي سان پارليامينٽ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي ۽ جلدي هڪ نئون بل اتفاق رائي سان آڻي رهيا آهيون، جيڪڏهن منظور ڪيو وڃي ته ان ۾ ڪو به حرج نه هوندو. ايوان ۾ تحريڪ جي منظوري کان پوءِ اسپيڪر بل جي سمورين شڪن جي منظوري ورتي. سيد نويد قمر تحريڪ پيش ڪئي ته عوامي نمائندگي ايڪٽ بل 2017 به پيش ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس دوران قومي اسيمبلي دهشتگردي خاتمي وارو ترميمي بل 2016 پيش ڪرڻ جي تحريڪ رد ڪيئي وئي. زاهد حامد بل جي مخالفت ڪئي، اجلاس دوران قومي اسيمبليءَ ٻارڙن جي لازمي ويڪسين وارو بل 2017 سميت سينيٽ پاران موڪليل ڪجھه وڌيڪ بل گڏيل ڪميٽين جي حوالي ڪري ڇڏيا، اجلاس ۾ زهرا ودود فاطمي ٻارڙن کي لازمي ويڪسين بل 2017 پيش ڪرڻ جي اجازت لاءِ تحريڪ پيش ڪئي، جنهنجي مخالفت نه ڪئي وئي، بل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو، اهڙي طرح سينيٽ پاران قومي اسيمبلي ڏانهن وڌيڪ بل به ڪميٽي جي حوالي ڪيا ويا، خميس تي اسپيڪر ايوان کي ٻڌايو ته بزنس ايڊوائيزري جي اجلاس ۾ طئي ٿيو هو ته چمن بارڊر تي فائرنگ تحريڪ التويٰ کي بحث هيٺ آندو وڃي، ان حوالي سان سوالن جي وفقن جي ڪاروائي معطل ڪئي ويندي. ان کان پوءِ وفاقي وزير شيخ آفتاب تحريڪ پيش ڪئي ته چمن بارڊر جي صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ سوالن جي وفقي جي ڪاروائي معطلي ڪئي وڃي. سيد نويد قمر تحريڪ پيش ڪئي ته چمن بارڊر تي افغان سيڪيورٽي فورسز فائرنگ وقعي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ ايون جي معمول جي ڪاروائي معطل ڪئي وڃي. ايوان ان تحريڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *