راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فوج اڪيلي ڪجهه نٿي ڪري سگهي، سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، گذريل ڏينهن ۾ فوج ۽ ان کان اڳ خاص طور مون کي به ٽارگيٽ ڪيو ويو، ٻيو فيصلو ڪيو ته پٽ چيو هاڻي اوهان ان پاپولر پر درست فيصلو ڪيو، پهريون فيصلو ڪيو ته پٽ چيو ته اوهان هڪ پاپولر پر غلط فيصلو ڪيو، نوجوان نسل اسٽريٽ فارورڊ آهي، اسان جو رخ بهتر بڻائي ڇڏيندي، هن چيو ته ڪلڀوشن جي لاءِ وڪيل اسان گهرايو، سڄي ذميداري رڳو آرمي تي وجهڻ سان ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي، پوري قوم فوج، پوليس ۽ ادارن سان گڏ اٿي بيهي، هن چيو ته ايئن ملڪ نٿو هلي سگهي، سڀني کي ذميداري کڻڻي پوندي، هن چيو ته جيستائين اسان جي نوجوان نسل ۾ جذبو آهي پاڪستان کي ڪوئي شڪست نٿو ڏئي سگهي، 30 هزار قانون نافذ ڪندڙ اهلڪار جان قربان ڪري چڪا آهن، ملڪ ۾ جتي مسئلو ٿيندو آهي، فوج کي گهرايو ويندو آهي، منهنجي جوانن کي آرام ناهي ملندو، هڪ محاذ کان ٻئي محاذ تي وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته فوجين جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ آسان آهي پر انهن جي تڪليف جو احساس ڪو ناهي ڪندو، فوج، پوليس، بيوروڪريسي سان گڏجي بيهن، جيستائين اوهان اٿي نه بيهندا، ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.