اسلام آباد (بيورو): پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪلڀوشن وٽ 60 ڏينهن اپيل ۽ 90 ڏينهن پٽيشن داخل ڪرڻ لاءِ آهن، قونصلر رسائي جو ذڪر آپريشن آرڊر ۾ ناهي، اسان جي وڪيل جي سڀني تعريف ڪئي، هن چيو ته پروويزنل آرڊر تي مشاورت بعد موقف ڏينداسين، قونصلر رسائي ڏيڻ ۾ سڪيورٽي جو عنصر تمام اهم آهي، هن چيو ته عالمي عدالت انصاف جي فيصلي بعد قانوني ٽيم سان وڌيڪ مشاورت ڪنداسين، اسان جي قانوني ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي، ٽن ڏينهن اندر اندر ڪيس جي تياري ڪئي آهي، پاڪستاني وڪيل اسان جو ڪيس وڙهڻ جي لاءِ خاص طور لنڊن مان آيو، ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جي قانوني ٽيم ۾ به اضافو ڪري سگهجي ٿو، ايڊهاڪ جج جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ پرڏيهي صلاحڪار جو چوڻ هو ته پاڪستان وٽ وقت نه هيو ته ايڊهاڪ جج مقرر ڪري سگهي، جڏهن ته مستقبل ۾ ان باري ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪنداسين ۽ اٽارني جنرل ان حوالي سان ٻڌائي ڇڏيندو.