فوجي عدالتن کان سزا کاڌل وڌيڪ 4 دهشتگردن کي ڦاسي ڏني وئي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): فوجي عدالت کان سزا کاڌل وڌيڪ 4 خطرناڪ دهشتگردن کي ڦاسي ڏني وئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب فوجي عدالتن کان سزا کاڌل 4 خطرناڪ دهشتگردن کي ڦاسي ڏني وئي آهي، سزا ماڻيندڙ دهشتگردن۾ هارون الرشيد ولد ميان سيد عثمان، گل رحمان ولد زرين، احمد علي ولد بخت ڪرم ۽ اصغر خان ولد عزيز الرحمان شامل آهن، آءِ ايس پي آر موجب چارئي دهشتگرد ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جا سرگرم ميمبر هيا، هي دهشتگرد شهرين ۽ سڪيورٽي فورسز تي حملن کانسواءِ تعليمي ادارن جي تباهي ۾ ملوث هئا، انهن مئجسٽريٽ جي سامهون پنهنجي ڏوهن جو اعتراف ڪيو هيو، انهن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي فوجي عدالت ۾ ٿي، فوجي عدالت انهن کي ڪيس جي ٻڌڻي بعد موت جي سزا ٻڌائي هئي، چئني کي خيبر پختونخواهه جي جيل ۾ ڦاسي تي چاڙهيو ويو، واضح رهي ته آپريشن ردالفساد جي شروعات کان ئي دهشتگردن جي سزائن تي عملدرآمد ۾ تيزي آئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *