پنوعاقل ۾ خانگي اسڪول ۾ لٺين سان تشدد ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو،اسپتال داخل

May 18, 2017 at 8:33 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

پنوعاقل ( رپورٽ سجاول سومرو )پنوعاقل جي مسڻ پاڙي ۾ قائم خانگي اسڪول روشن تارا جي ماسترياڻي نسرين شيخ جي پرس مان 20 تولا سون ۽ روڪ رقم چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ نائين ڪلاس جي شاگرد نعيم الله چاچڙ تي لٺين سان ڪلاس ۾ تشدد ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو جنهن بعد اسڪول جي پرنسپال واشو رام ۽ ٻين استادن شاگرد کي بيهوشي واري حالت ۾ پرنسپال جي آفيس ۾ آندو جتي فون ذريعي شاگرد جي وارثن کي اطلاع ڏنو جن پهچي شاگرد نعيم الله کي بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي تعلقه اسپتال پنوعاقل پهچايو جتي وارثن علم الدين، مسمات ڌياڻي، وسيم چاچڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي مهراڻ ٽي وي کي ٻڌايو ته روشن تارا اسڪول جي ماسترياڻي نسرين شيخ اسان جي ٻار تي چوري جو ڪوڙو الزام مڙهي ٻار کي ذهني ٽارچر ڪري مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو آهي هنن چيو ته اسان جو ٻار ڪڏهن به چوري نه ٿو ڪري سگهي جي اگر الزام مڙهيو ويو هو ته اسڪول جي انتظاميه يا شاگرد جي وارثن کي اطلاع ڪجي ها بنا اطلاع جي شاگرد کي ڪلاس روم ۾ سوين شاگردن جي سامهون تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو آهي، هنن چيو ته ماسترياڻي ڪهڙي خيال سان 20 تولا سون ۽ 20 هزار روڪ کڻي آئي هئي ايتري امير هئي ته 5 هزار تي نوڪري چو پئي ڪري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب ڏهر ۽ سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته خانگي اسڪول جي انتظاميه ۽ تشدد ڪندڙ ماسترياڻي نسرين شيخ خلاف نوٽيس وٺي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انصاف لاءِ عدالت ۾ وينداسين، هوڏانهن اسپتال ۾ داخل شاگرد جي طبي امداد جاري آهي جڏهن ته هن مهل تائين خوف ۾ ورتل شاگرد نعيم الله چاچڙ هوش ۾ نه اچي سگهيو آهي.

اي پيپر