سيوهڻ (رپورٽر): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گئس تي پهريون حق سنڌ جو آهي ۽ اهو حق اسان کي آئين ڏنو آهي، سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳلاهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اسان هن سال لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي انتظامن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، درگاهه تي 20 لک ماڻهو حاضري ڀرڻ آيا آهن، پاڻي بجلي وزارت عرس دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر ايئن نه ٿي سگهيو، جنهن سبب سخت مذمت ڪريون ٿا، ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ تي پابندي جي حوالي سان وڏي وزير چيو ته گڊز ٽرانسپورٽرز جو مسئلو جلد حل ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ انهن جي موقف کي همدردي سان ڏسون ٿا، شهر ۾ وڏين گاڏين جي داخلا تي پابندي عدالت لڳائي هئي، سنڌ حڪومت عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ ان معاملي تي عدالتي فيصلو قبول ڪنداسين، سيد مراد علي شاهه چيو ته مصطفيٰ ڪمال ايف ٽي سي برج تي 10 لک ماڻهو جمع ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر ايئن نه ٿي سگهيو، پي ايس پي وارن تي پراڻا ڪيس گهڻا آهن، ان لاءِ نون داخل ڪرڻ جي ضرورت ناهي، هن چيو ته سنڌ 15 کان 20 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته گئس تي پهريون حق سنڌ جو آهي ۽ اهو حق اسان کي آئين ڏنو آهي.